ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ويمن ڪرڪٽر سمرتي مندھنا جي شادي اوچتو ملتوي ٿي وئي، جڏهن سندس والد سرينواس مندھنا کي دل جو دورو پيو ۽ کين اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن موجب هاڻي سندن طبيعت بهتر آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق سمرتي مندھنا جي شادي ميوزڪ ڪمپوزر پلاش موچل سان آچر ڏينهن مهاراشٽرا ۾ واقع مندھنا فارم هائوس تي ٿيڻ واري هئي، جتي سڀ تياريون مڪمل هيون.
ٻئي طرف اين ڊي ٽي وي موجب پلاش موچل کي به وائرل انفڪشن ۽ شديد تزابيت سبب طبيعت بگڙي وئي، جنهن تي کيس نجـي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. علاج کان پوءِ کيس ڊسچارج ڪيو ويو ۽ هو شام جو هوٽل واپس پهچي ويو.
سمرتي مندھنا جي مينيجمينٽ ڪمپني شادي ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته تقريب غير معينه مدت تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.
شادي سان لاڳاپيل رسومات گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري هيون، جن ۾ ورلڊ چيمپئن ٽيم جون ڪيترائي رانديگر به شريڪ ٿيون.

