ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان هندو ڪائونسل ڀارتي بچاءُ واري وزير راج ناتھ سنگھ جي سنڌ بابت ڏنل بيان کي سختي سان رد ڪندي ان کي غير ذميوارانه، اشتعال انگيز ۽ ٻاڙاڻو قرار ڏنو آهي.
سرپرست اعلى ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواني چيو ته محب وطن هندو ڪميونٽي پاڪستان کي پنهنجي ڌرتي ماتا سمجهي ٿي، ۽ سنڌ پاڪستان جو اٽوٽ حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ سرحدون جذباتي نعرا يا تقريرن سان تبديل نٿيون ٿين.
ڊاڪٽر رميش ڪمار وضاحت ڪئي ته ورھاڱي جي وقت قائداعظم جي هدايت تي سندن وڏن لڏ پلاڻ مڪاني جو ارادو ترڪ ڪيو، جنهن تي کين فخر آهي.
پاڪستان هندو ڪائونسل حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارتي وزير دفاع جي بيان تي سفارتي سطح تي سخت نوٽيس ورتو وڃي.

