ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي پاڪستان مخالف پروپيگنڊا نيٽ ورڪ بي نقاب ٿي ويا آهن، جن ۾ ڀارت، افغانستان ۽ پشتون تحفظ موومنٽ سان لاڳاپيل جعلي اڪائونٽس شامل آهن.
ذريعن موجب سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ايڪس” جي نئين اپڊيٽ کان پوءِ واضح ٿيو آهي ته ڪيترائي اڪائونٽس غير ملڪي ايجنڊن تي سرگرم هئا، جيڪي پاڪستان خلاف نفرت، انتشار ۽ غلط بياني پکيڙي رهيا هئا. انهن اڪائونٽن ۾ اصل لوڪيشن لڪائڻ لاءِ وي پي اين جو استعمال عام هو.
انڪشاف ٿيو آهي ته فتنھ الھندستان ۽ فتنھ الخوارج سان لاڳاپيل ڪيترائي اڪائونٽس به ڀارت ۽ ٻين ملڪن مان هلائي رهيا هئا، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ جعلي انساني حقن جو ڊرامو رچائيندڙ اڪائونٽس به اصل ۾ غير ملڪي نيٽ ورڪ نڪتا، جن جا روابط ڀارت سان ملن ٿا.
ماهرن موجب پاڪستان دشمن پروپيگنڊا فئڪٽريون مڪمل طور تي بي نقاب ٿيڻ هڪ وڏي اڳڀرائي آهي، ڇو ته مختلف سياسي بيانيه به منظم طريقي سان ٻاهرين ملڪن مان هلائي رهيا هئا، جن جو مقصد ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ هو.

