ڪينبرا: آسٽريليا جي سخت گير ساڄي ڌر سان تعلق رکندڙ سينيٽر پولين هينسن عوامي جڳهن تي برقعي تي پابندي جو بل پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي احتجاجي قدم کنيو. عالمي خبرن موجب پولين هينسن برقعو پائي پارليامينٽ جي اسيمبلي هال ۾ داخل ٿي ۽ پنهنجي نشست تي ويهي رهي.
سينيٽر برقعي جي هيٺان اسڪرٽ پائي رکيو هو ۽ اهڙو رويو اختيار ڪيو، جيڪو مسلم سينيٽرن طرفان توهين آميز ۽ نسل پرستانه قرار ڏنو ويو. ان عمل تي مسلم سينيٽرن سخت احتجاج ڪيو ۽ ايوان جي ڪارروائي هلڻ نه ڏني.
ايون ۾ صورتحال ايتري حد تائين تڪراري ٿي وئي جو اسپيڪر کي ڪارروائي معطل ڪرڻي پئي. رپورٽن موجب هي ٻيو موقعو آهي، جڏهن پولين هينسن برقعي کي سياسي حربو طور استعمال ڪندي عوامي جڳهن تي ان تي پابندي لاءِ دٻاءُ وڌو.

