بنون (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز ڀارتي پراڪسي فتنھ الخوارج خلاف وڏي آپريشن ۾ 22 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب 24 نومبر تي خفيه اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جتي دهشتگردن جا ٺڪاڻا موجود هئا. فورسز مؤثر انداز ۾ انهن کي نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ کان پوءِ سڀني کي جهَنم موڪلي ڇڏيو.
ترجمان موجب آپريشن کان پوءِ علائقي ۾ ڪليئرنس ۽ سينيٽائيزيشن جاري آهي ته جيئن روپوش دهشتگردن کي به گرفتار يا ختم ڪيو وڃي. آءِ ايس پي آر چيو ته نيشل ايڪشن پلان تحت فيڊرل ايپڪس ڪميٽي جي ويزن “عزمِ استحڪام” سان دهشتگردي خلاف مهم تيز رفتاري سان جاري رهندي ۽ ملڪ مان بيروني سرپرستي واري دهشتگردي جو مڪمل خاتمو يقيني بڻايو ويندو.
صدر، وزيراعظم ۽ وفاقي گھرو وزير پاران سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گھرو وزير محسن نقوي سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ۽ جُرئت ڀري ڪارروائي تي خراجِ تحسين پيش ڪيو
ايوان صدر کان جاري بيان ۾ صدر چيو ته ڀارتي پشت پناهي ۾ سرگرم خوارج جو خاتمو رياست جي پهرين ترجيح آهي. شهيد ۽ غازي قوم جو فخر آهن. صدر آپريشن ۾ بهادري ڏيکاريندڙ جوانن کي سلام پيش ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عزمِ استحڪام جي ويزن تحت فورسز دهشتگردي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهيون آهن. سڄي قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو يقيني بڻايو ويندو.

