اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته 11 نومبر تي اسلام آباد ڪچهري تي ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي۔ پريس ڪانفرنس دوران هن حملي ۾ ملوث مرڪزي جوابدار ساجد الله عرف شينا جو اعترافي وڊيو بيان به پيش ڪيو۔
سُڌ سماءَ واري وزير موجب حملي جي منصوبه بندي مڪمل طور تي افغانستان مان ڪئي وئي، ۽ ساجد الله عرف شينا جيڪو اڳ تحريڪ طالبان افغانستان جو ميمبر رهيو آهي، ان کي هينڊلر طور استعمال ڪيو ويو۔
انٽيليجنس بيورو ۽ سي ٽي ڊي حملي کان 48 ڪلاڪن اندر چار جوابدارن ساجد الله عرف شينا، ڪامران خان، محمد ذالي ۽ شاهه منير کي گرفتار ڪيو۔ ساجد الله ئي اهو شخص هو جيڪو خودڪش حملو ڪندڙ کي جيڪيٽ ۽ مواد فراهم ڪري رهيو هو۔
عطا تارڙ ٻڌايو ته ساجد الله 2015ع ۾ طالبان ۾ شامل ٿيو ۽ مختلف ٽريننگ ڪيمپس ۾ تربيت حاصل ڪئي، 2023ع ۾ هن جي ملاقات افغان ڪمانڊر داد الله سان ٿي، جنهن نور ولي محسود جي حڪم تي حملي جي منصوبه بندي ڪئي۔ ساجد الله ۽ سندس ساٿي 2025ع ۾ افغانستان وڃي داد الله سان ملاقات ڪئي ۽ راولپنڊي-اسلام آباد ۾ حملي جا حڪم ورتا۔
آپگهاتي حملو ڪندڙ عثمان شنواري (ننگر هار، افغانستان جو رهواسي) کي جيڪيٽ ۽ مواد ساجد الله فراهم ڪيو، جنهن اسلام آباد جي جي- اليون علائقي ۾ ڌماڪو ڪيو، پر وڏو نقصان ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو۔
سُڌ سماءِ واري وفاقي وزير چيو ته اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي، جنهن سان دهشتگردي جي خاتمي ۾ مدد ملندي، ۽ حڪومت شهري حفاظت لاءِ سڀ قدم کڻي رهي آهي۔

