اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه خلاف تڪراري ٽوئٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ٻنهي لاءِ نئون اسٽيٽ ڪائونسل شڪيل احمد ايڊووڪيٽ مقرر ڪيو ويو. اڳ مقرر ڪيل اسٽيٽ ڪائونسل تي اعتراض اٿاريو ويو هو، جنهن بابت ايمان مزاري ۽ هادي علي جي وڪيلن سياسي وابستگي جا ثبوت پيش ڪيا هئا۔
سماعت دوران هادي علي چٺه عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، پر پراسيڪيوٽر جي بار بار ٽوڪڻ تي ٻنهي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي۔ هادي علي چٺه چيو ته عدالت اڳ ئي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، جڏهن ته فردِ جرم خلاف اپيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ زيرِ التواءَ آهي۔
هن عدالت تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو، جنهن تي جج محمد افضل مجوڪه ٻڌڻي جو حڪم لکائڻ شروع ڪيو۔ جج طرفان هادي علي جي بيان تي توهينِ عدالت جو ذڪر ڪيو ويو، پر ايمان مزاري ۽ هادي علي جي استدعا تي اهو جملو حڪم مان خارج ڪيو ويو۔
جج افضل مجوڪه ريمارڪس ڏنا ته “جتي منهنجي ذات جو تعلق آهي، مان سرنڊر ڪندس، پر جتي قانون جي ڳالهه هوندي، اتي قانون تي عملدرآمد ٿيندو۔” ڪيس جي ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

