ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر نسيم شاهه جو هڪ دلچسپ واقعو ٽي ملڪي سيريز جي ميچ کان پوءِ سامهون آيو، جتي هو اسٽينڊ جي ويجهو مداحن سان ڳالهائڻ ويو ته مداح تصويرون ڪڍڻ لڳا۔
ان دوران هڪ مداح ڇوڪري نسيم شاهه سان سيلفي وٺڻ جي فرمائش ڪئي، جنهن تي نسيم شاهه معصوميت ڀري انداز ۾ جواب ڏنو: “يار، گهر کان ڊانٽ پوندي، قسم سان سچ ٿو ٻڌايان، منهنجا ابو گهڻو ڊانٽين ٿا”۔
نسيم شاهه جو هي معصوم جواب ٻڌي اسٽينڊ ۾ موجود سڀ ماڻهو کلڻ تي مجبور ٿي ويا۔
پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا شائقين پنهنجن قومي هيروز سان سيلفي کي فخر جو لمحو سمجهن ٿا، ۽ نسيم شاهه جو هي دلچسپ انداز مداحن لاءِ يادگار لمحو بڻجي ويو۔

