ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره ۽ ماڊل نوشين شاهه تازو فريحھ الطاف جي پوڊڪاسٽ ۾ پنهنجي روحاني سفر بابت کلي دل سان ڳالهايو ۽ وضاحت ڪئي ته هن حجاب ڇو ڇڏي ڏنو۔
نوشين شاهه ٻڌايو ته هڪ خواب ۾ آواز ٻڌڻ کان پوءِ هوءَ حجاب ڪرڻ تي مائل ٿي، جنهن ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن سر نه ڍڪيندين ته فرشتا توکي ڇڏي ويندا۔ ان خواب کان پوءِ هوءَ لڳاتار چار مهينا حجاب ڪندي رهي، شوٽنگ دوران ۽ گهر ۾ به۔
پر ڪجهه وقت کان پوءِ هن محسوس ڪيو ته هوءَ “ٻه زندگيون” گذاري رهي آهي، جنهن سبب هوءَ مونجهاري ۾ اچي وئي ۽ آخرڪار حجاب ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو۔ هن چيو ته هوءَ الله کان معافي وٺي حجاب هٽايو، جيتوڻيڪ حجاب کي خوبصورتي سان اسٽائل ڪندي هئي ۽ پاڻ کي سٺو لڳندو هو۔
روحانيت بابت ڳالهائيندي نوشين شاهه چيو ته هوءَ الله کان دعا ڪندي هئي ته کيس نماز ڏانهن راغب ڪري۔ هن چيو: “يا الله، مون کي پنهنجي طرف گھرائي، جيڪڏهن تون مون سان محبت ٿو ڪرين ته مون کي نماز ڏانهن وٺي اچ۔” هن ٻڌايو ته الله سندس دعا قبول ڪئي ۽ هاڻي هوءَ باقاعدگي سان نماز پڙهي ٿي۔
نوشين شاهه جو چوڻ هو ته نماز سندس ذاتي بهتري لاءِ آهي، جيڪا نظم پيدا ڪري ٿي، برائين کان بچائي ٿي ۽ انسان کي ڪيترن نقصانن کان محفوظ رکي ٿي۔

