لاهور: پوليس طرفان ٻه الڳ الڳ ڪارروايون ڪندي ننڍن ٻارن سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔
هڪ جوابدار ٻن ننڍڙين ٻارڙين (10 ساله نعيمه ۽ 8 ساله ايمان) کي اسڪول کان ورغلايو ۽ ويران جاءِ تي وٺي ويو۔
ڊولفن ٽيم دوران پٽرولنگ دوران ٻارڙين جون رڙيون ٻڌي فوري ڪارروائي ڪئي، جوابدار علي رضا کي گرفتار ڪيو ۽ ٻارن کي والدين حوالي ڪيو۔
ايس پي ڊولفن اختر نواز چيو ته عورتن ۽ ٻارن جي هراساني خلاف زيـرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ٿي رهيو آهي، اهڙن جوابدارن کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي۔
– ٻئي طرف چوهـنگ پوليس هڪ 6 ساله معصوم ٻار سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار محمد اسماعيل کي گرفتار ڪيو۔
پوليس موجب جوابدار ٻار کي ڊيڄاريو ڌمڪايو ۽ زيادتي ڪئي، اطلاع ملندي ئي فوري ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ ڪجھھ ڪلاڪن ۾ جوابدار کي ٽريس ڪري گرفتار ڪيو ويو۔
جوابدار کي وڌيڪ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ونگ حوالي ڪيو ويو۔
ايس پي صدر رانا حسين طاهر چيو ته ننڍن ٻارن سان جنسي زيادتي ۾ ملوث جوابدار کي ڏوھھ جون سزائون ڏنيون پيونوڃن.

