اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني محکمه موسميات چيو آهي ته آفريقي ملڪ ايتھوپيا ۾ 12 هزار سال کان خاموش آتش فشان هيلي گوبي ڦاٽي پيو، جنهن مان نڪتل رک جا ڪڪر عربي سمنڊ کان ٿيندا ڀارت تائين پهچي ويا، جڏهن ته پاڪستان جي ھوائي حدون مڪمل طور تي محفوظ رهيون۔
موسميات کاتي موجب رک جا ڪڪر گوادر کان تقريباً 60 ناٽيڪل ميل پري ڏٺا ويا، جيڪي 500 ميٽر اوچائي تي موجود هئا ۽ هوائون انهن کي اتر اوڀر طرف ڌڪي رهيون هيون۔ زمين تي موجود آبادي، جانورن ۽ حياتيات تي ڪوبه اثر نه ٿيو۔
ترجمان ٻڌايو ته پهريون ڀيرو پاڪستان جي تاريخ ۾ ايوي ايشن لاءِ آتش فشان جي رک بابت الرٽ جاري ڪيو ويو، خاص طور تي 45 هزار فٽ کان مٿي اڏامندڙ جهازن لاءِ رک جا ڪڪر يَمن، عمان، ڀارت ۽ اتر پاڪستان تائين پکڙيا، پر هاڻي پاڪستان جو ھوائي علائقو صاف ٿي چڪو آهي۔
ايٿوپيا جي مقامي ذريعن موجب واقعي ۾ ڪنهن جي زخمي ٿيڻ جي اطلاع ناهي، پر رک مال جي چاري کي متاثر ڪري سگهي ٿي۔ دونھن جي پرت 14 ڪلوميٽر اوچائي تائين پهچي وئي ۽ عربي سمنڊ طرف وڌي وئي۔
ڀارتي ميڊيا موجب رک جا ڪڪر وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا طرف وڌڻ کان پوءِ ڪيترين ايئرلائنز اُڏامون ملتوي ڪيون، جن ۾ ايئر انڊيا جون 11 ۽ انڊيگو جون 6 اڏامون شامل آهن۔

