منامه (ويب ڊيسڪ) منامه ۾ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف بحريني واپارين ۽ ڪاروباري شخصيتن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان زرعي شعبن، آءِ ٽي، معدنيات، توانائي ۽ سياحت ۾ ڊگهي مدي واري ڀائيواري لاءِ کليل موقعا رکي ٿو. هن زور ڏنو ته پاڪستان وٽ باصلاحيت افرادي قوت، قدرتي وسيلن جي دولت ۽ تيزي سان وڌندڙ صارف مارڪيٽ موجود آهي، جڏهن ته بحريني ڪاروباري بصيرت ۽ مالي مهارت سان گڏجي اهي موقعا وڌيڪ وسيع ٿي سگهن ٿا.
تقريب ۾ بحريني نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير، ناڻي واري وزير ۽ قومي معيشت، صنعت ۽ واپار جا اعليٰ عملدار موجود هئا، جڏهن ته پاڪستان طرفان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار،سُڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ ٻين نمائندن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان زرعي شعبن سان گڏوگڏ مصنوعي ذهانت، فِن ٽيڪ ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ بحريني ڪاروباري برادري سان گڏجي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهي ۽ پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ آزاد واپار جو معاهدو جلد طئي ٿيڻ جي اميد آهي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي ايندي.
شهباز شريف چيو ته هو رڳو وزيراعظم جي حيثيت سان نه پر هڪ اهڙي ملڪ جي سي اي او جي حيثيت سان ڳالهائي رهيو آهي جيڪو بحريني ڪاروباري ماڻهن سان شراڪت لاءِ بي چين آهي. هن واعدو ڪيو ته پاڪستان نوجوان آبادي کي آءِ ٽي، اي آءِ ۽ فني تربيت ذريعي قومي قوت ۾ تبديل ڪندو. وزيراعظم بحريني بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ ولي عهد سلمان بن حمد الخليفه جي پرتڪلف ميزباني تي ٿورائتو ٿيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ثقافت، مذهب ۽ باهمي اعتماد تي ٻڌل آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن لاڳاپن کي معاشي تعاون ۾ تبديل ڪيو وڃي.
هن بحريني سماج ۾ هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي خدمتن کي ساراهيو، جن گذريل سال 484 ملين ڊالر ترسيلات وطن موڪليا. هن چيو ته پاڪستان جا دروازا هميشه بحريني ڪاروباري برادري لاءِ کليل رهندا. ان موقعي تي بحريني ناڻي واري وزير سلمان بن خليفه الخليفه چيو ته پاڪستاني برادري نسل در نسل بحريني ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي پاڪستانين بحريني سماج کي پنهنجو ٻيو گهر بڻايو آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جا مالي ادارا پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصي کان بحريني مالي نظام جا اهم ستون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته بحريني سماج نسلي تبديلي جي مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ خطو جدت، پائيداري ۽ ٽيڪنالاجي جي بهترين ڪارڪردگي جو مرڪز بڻجي رهيو آهي. هن وضاحت ڪئي ته بحريني ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ هاءِ ڪيپيسٽي سب ميرين ڪيبلز ان کي خطي ۾ ڊيٽا ۽ ڪنيڪٽي ويٽي جو مرڪز بڻائي رهيا آهن، جنهن سان پاڪستاني ڪمپنين لاءِ نوان موقعا پيدا ٿين ٿا. وزير خزانه چيو ته بحريني وژن 2030 کي اڳتي وڌائيندي ۽ وژن 2050 جي بنياد رکندي پاڪستان کي هڪ اهم معاشي شراڪت دار سمجهي ٿو، جيئن گڏجي هڪ مشترڪ مستقبل جوڙجي سگهي.

