واشنگٽن/اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وائٽ هائوس جي ويجهو فائرنگ جي واقعن کان پوءِ عالمي سطح تي افغان طالبان رجيم بابت خدشا وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا آهن. رحمان الله لاکانوال نالي افغان شهري نيشنل گارڊ جي اهلڪارن تي فائرنگ ڪري کين سخت زخمي ڪيو. هوم لينڊ سيڪيورٽي موجب رحمان الله 2021 ۾ آپريشن الائيز ويلڪم تحت آمريڪا آيو هو، جڏهن ته 2024 ۾ هن پناهه جي درخواست ڏني، جيڪا اپريل 2025 ۾ ٽرمپ انتظاميه منظور ڪئي هئي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هن واقعي کي دهشتگردي قرار ڏنو آهي، جڏهن ته آمريڪي ميڊيا موجب افغان شهريَن جي اميگريشن درخواستون اڻڄاتل مدي لاءِ روڪيون ويون آهن.
يوروپي يونين انسٽيٽيوٽ آف سيڪيورٽيز اسٽڊيز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته افغان طالبان رجيم دهشتگرد گروهن کي افغان پاسپورٽ جاري ڪري رهي آهي، جنهن سان يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ افغان نيٽ ورڪ ٻيهر سرگرم ٿي رهيا آهن. رپورٽ موجب طالبان جا دهشتگرد گروهن سان وڌندڙ تعلقات نه صرف افغانستان جي داخلي استحڪام پر پاڙيسري ملڪن لاءِ به سنگين خطرو بڻجي چڪا آهن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ ۾ پڻ خبردار ڪيو ويو آهي ته طالبان دهشتگرد گروهن کي محفوظ پناهه گاهون فراهم ڪري رهيا آهن، جنهن سان خطي جي سلامتي کي سخت خطرو آهي. پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن اڳ ئي طالبان جي دهشتگردن لاءِ پٺڀرائي بابت خدشا ظاهر ڪيا آهن.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڊنمارڪ ۽ روس عالمي برادري کي خبردار ڪيو ته افغانستان ۾ فتنہ الخوارج جهڙا گروهه سرگرم آهن. پاڪستان بار بار زور ڏنو آهي ته افغانستان ۾ سڀ دهشتگرد تنظيمون آزادانه طور تي پلجي رهيون آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي پريس بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪي فوجي سامان ۽ هٿيار افغانستان ۾ کليل مارڪيٽ ۾ وڪامجي رهيا آهن، جنهن سان هڪ وار اڪانومي جنم وٺي چڪي آهي، جيڪا طالبان جي سرپرستي هيٺ آهي.
سي اين اين جي رپورٽ موجب آمريڪي فوج افغانستان مان نڪرڻ وقت لڳ ڀڳ 7 ارب ڊالر ماليت جو فوجي سامان ڇڏي وئي هئي، جيڪو هاڻي دهشتگرد گروهن جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته انهن مان ڪجهه هٿيار القاعده سان لاڳاپيل گروهن تائين به پهچي ويا آهن.

