اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ ڀارت جي بچاءُ واري وزير راج ناٿ سنگھ جي سنڌ بابت بيان خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ واضح طور چيو ويو ته سنڌ پاڪستان جو اٽوٽ انگ آهي ۽ اهڙو بيان پاڪستان جي خودمختياري تي حملو آهي.
اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي رڪن اسلم عالم نيازي قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ جي بچاءُ واري وزير جو بيان سختي سان رد ڪندي چيو ويو ته پاڪستان جي سرحدن ۽ خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو دعويٰ قبول جوڳي ناھي.
ياد رهي ته راج ناٿ سنگھ ڪجهه ڏينهن اڳ دهلي ۾ تقريب دوران چيو هو ته سنڌ جي سرزمين هاڻي ڀارت جو حصو نه آهي، پر تهذيبي طور تي سنڌ هميشه ڀارت جو حصو رهيو آهي. هن اهو به چيو ته سرحدون بدلجنديون رهن ٿيون ۽ مستقبل ۾ سنڌ ٻيهر ڀارت جو حصو بڻجي سگهي ٿو.
راج ناٿ سنگھ پنهنجي تقرير ۾ لال ڪرشن ايڊواني جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي چيو ته سنڌي هندن، خاص طور تي سندس نسل جا هندو، سنڌ جي ڀارت کان ڌار ٿيڻ کي تسليم نه ٿا ڪن. هن درياءِ سنڌ کي مقدس قرار ڏيندي چيو ته هندن لاءِ اهو هميشه اهميت رکي ٿو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻين قانوني معاملن تي به بحث ٿيو ۽ ڪيترائي بل منظور ڪيا ويا، جن ۾ ڪنگ حماد يونيورسٽي ترميمي بل 2025، دانش اسڪول اٿارٽي بل 2025 ۽ قانون شهادت ترميمي بل 2025 شامل آهن.

