ڊيره اسماعيل خان(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان ۾ هڪ اهم انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪندي ڀارتي پراڪسي فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ 22 خوارج مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جي بيان موجب، فورسز کي دهشتگردن جي موجودگي بابت پڪي اطلاع ملي هئي، جنهن تحت سندن ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو. ڇتي فائرنگ جي مقابلي کان پوءِ سڀئي 22 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪنهن کي به فرار ٿيڻ جو موقعو نه مليو.
علائقي ۾ باقي بچيل خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي، ته جيئن ڪنهن به ڀارتي اسپانسرڊ خوارج جي ٻيهر منظم ٿيڻ کان روڪيو وڃي.
آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ دهشتگردي خلاف مهم مڪمل رفتار سان جاري رکيا پيا وڃن، جنهن جو مقصد ملڪ مان دهشتگردي ۽ پرڏيهي حمايت يافته نيٽ ورڪن جو مڪمل خاتمو آهي.

