ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته دنيا جو سڀ کان وڏو هائوسنگ پروگرام SPFH هاڻي رڳو هڪ اسڪيم نه رهيو آهي، پر سماجي انقلاب ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
شرجيل ميمڻ موجب 2 ملين ماڻهن جي تصديق مڪمل ٿي وئي آهي، 1.5 ملين ماڻهن جا اڪائونٽ کوليا ويا آهن، ۽ 6 لک 50 هزار گهرن جي تعمير آخري مرحلي ۾ آهي. هن ٻڌايو ته پروگرام ذريعي 10 لک ماڻهن کي روزگار مليو آهي ۽ 9 لک عورتن کي زمين جو مالڪاڻو حق ڏنو ويو آهي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ صاف پاڻي ۽ نيڪال جي منصوبن لاءِ 38 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن ۽ اهم منصوبا جهڙوڪ K-4، حب، اسٽارم واٽر ڊرين ۽ KWSSIP-II لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت طرفان پاڻي، صفائي ۽ بلدياتي خدمتن جا 293 منصوبا منظور ڪيا ويا آهن، ۽ وزيراعليٰ هدايت ڪئي آهي ته سڀني جاري منصوبن لاءِ فنڊ وقت سر جاري ڪيا وڃن.
شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ روڊن ۽ رابطن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم جاري آهي. وزيراعليٰ اڃا تائين 620 روڊ منصوبا جو جائزو وٺي چڪا آهن، جڏهن ته 970 ڪلوميٽر روڊن جي بحالي جو ڪم جاري آهي. ڪورنگي ڪاز وي پل، ان سان لاڳاپيل انڊر پاس ۽ لياري ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪم ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪ ۾ اضافو منظور ڪيو آهي، جڏهن ته 25 ارب رپين جا رينيوئبل انرجي منصوبا، جن ۾ سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ شامل آهي، شروع ٿي ويا آهن.
شرجيل ميمڻ زور ڏنو ته سنڌ حڪومت جو ويزن استحڪام، خوشحالي ۽ برابري تي ٻڌل آهي، ۽ سڄي صوبي ۾ ترقياتي ڪم ان مقصد جي عڪاسي ڪري ٿو.

