اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سائبر ماهرن هڪ اهم انڪشاف ڪيو آهي ته افغان اسٽيٽ نيوز پيپرز ڊپارٽمينٽ جو سرڪاري سوشل ميڊيا هينڊل خاموشي سان “Afghan Defence” ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جيڪو هاڻي سڌي طرح پاڪستان مخالف پروپيگنڊا لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي۔
رپورٽ موجب، هي هينڊل اڳ سرڪاري معلومات ۽ پيغام رسانی لاءِ ڪم ڪندو هو، پر هاڻي اهو سڌي طرح ڊيجيٽل آپريشنز ۽ پاڪستان مخالف بيانيي جو حصو بڻجي ويو آهي۔
سائبر ماهرن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد تي حملن جا اشارا ڏيندڙ پوسٽون به ساڳئي افغان هينڊلرز طرفان ڪيون ويون، جن کي واضح طور تي ڌمڪي آميز ۽ پروپيگنڊا مواد قرار ڏنو ويو آهي۔
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته افغان عبوري حڪومت انهن هينڊلز کي روڪڻ يا ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهي آهي، جنهن سبب اهي پليٽفارمز هاڻي باقاعده پروپيگنڊا مشين جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن۔

