صوابي(ويب ڊيسڪ) باچا خان ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ هڪ جوڙي جي گهر ۾ هڪ ئي وقت چار ٻارن جي پيدائش ٿي آهي، جيڪا هڪ ناياب ۽ خوشيءَ واري واقعي طور ڏٺي پئي وڃي۔
اسپتال جي ترجمان موجب والدين جو تعلق صوابي جي علائقي سليم خان سان آهي۔ ماءُ ۽ سڀئي ٻار مڪمل طور تي صحتمند آهن۔ نون ڄاول ٻارن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون شامل آهن، ۽ پيدائش بنا آپريشن، يعني نارمل ڊليوري ذريعي ٿي۔
نيونٽل ڪيئر يونٽ جي انچارج ڊاڪٽر عنایت الله ٻڌايو ته چارئي ٻار 21 ڏينهن تائين آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ رهيا، ۽ هاڻي هڪ مهيني جا ٿي چڪا آهن، سڀئي صحتمند آهن۔
ٻارن جي والد مقصود علي پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ئي وقت چار ٻارن جي پيدائش تي بيحد خوش آهيان، ۽ باچا خان ميڊيڪل ڪمپليڪس جي انتظاميا ۽ ڊاڪٽرن جو خاص شڪريو ادا ڪريان ٿو۔

