اسلام آباد(رپورٽر) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي جنهن سبب اسپتالن ۾ هاڻ جڳهه به ناهي رهي.هن چيو ته ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور جي اسپتالن ۾ هن وقت وڌيڪ مريضن لاءِ جڳهه ناهي رهي. اسپتالن ۾ گنجائش نه هجڻ سبب انتظاميه مريضن کي گهر موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته اسپتالن جي اها حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ حڪومت هن مسئلي طرف ڌيان نه پئي ڏئي. هن مطالبو ڪيو ته حالتن تي فوري طور تي قابو ڪرڻ لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن.صحت واري وزارت ان حوالي سان چيو آهي ته شروع ۾ ڪيسن ۾ اضافي جي رفتار سست هئي پر هاڻ ان ۾ تيزي اچي وئي آهي. اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.پاڪسان ۾ ڪورونا ڪيس هڪ لک تائين پهچڻ جو امڪان آهي ۽ جون ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪيس سامهون ايندا.
ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي: سليم مانڊوي والا
Subscribe
By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

