سديگورا (يوڪرين): يوڪرين جي شهر سديگورا ۾ تاريخي يهودي عبادت گاهه ڪلوئيز قديشه کي رات دير سان هڪ شخص باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن سان مقدس ڪتاب سڙي ويا ۽ عمارت کي به نقصان پهتو، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو۔
عالمي خابرو اداري موجب شڪي شخص ان وقت عبادت گاهه ۾ گهڙي ويو جڏهن سيڪيورٽي گارڊ ٿوري دير لاءِ ٻاهر ويو هو۔ گارڊ جي واپسي تي جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، جتي هن کان ڊگهي وقت تائين پڇا ڳاڇا ڪئي وئي۔
مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو ئي شخص لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ ساڳئي علائقي ۾ هڪ گرجا گهر کي به باهه ڏيڻ ۾ ملوث هو۔ پوليس جي ابتدائي جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته جوابدار ذهني بيمارين جو شڪار آهي، جڏهن ته سندس نفسياتي معائنو اڃا ٿيڻ باقي آهي.

