اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي چونڊ نظام کي غير اسلامي قرار ڏيڻ وارو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.
جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني شريعت اپيليٽ بئنچ 5 ڊسمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.
واضح رهي ته شريعت اپيليٽ بئنچ لڳ ڀڳ ڊيڍ سال بعد ٻيهر جوڙي وئي آهي.
چونڊن جي نظام کي غير اسلامي قرار ڏيڻ بابت درخواست 36 سال اڳ داخل ڪئي وئي هئي، جڏهن ته شريعت ڪورٽ جي فيصلي خلاف حڪومت 1989ع ۾ اپيلون داخل ڪيون هيون.

