اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت پيٽروليم ڊويزن طرفان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي۔
نوٽيفڪيشن موجب قيمتن ۾ تبديلي آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي سفارش تي ڪئي وئي آهي۔ نيون قيمتون اڄ پهرين ڊسمبر 2025 کان ايندڙ 15 ڏينهن تائين لاڳو رهنديون۔
پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 2 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد قيمت 265 رپيا 45 پيسا کان گهٽجي 263 رپيا 45 پيسا ٿي وئي آهي۔
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 79 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 279 رپيا 65 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پراڻي قيمت 284 رپيا 44 پيسا في ليٽر هئي۔
حڪومتي اعلان سان عوام کي ايندڙ ٻن هفتن لاءِ تيل اگهن ۾ ڪجهه رليف ملڻ جي اميد آهي۔

