اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڊيفنس فورسز جي چيف جي عهدي بابت باضابطه نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو، ۽ اها ڳالهه منهنجي ۽ توهان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي پريشاني جو سبب ناهي۔
ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وضاحت ڪئي ته اهو سرڪاري عمل جو حصو آهي۔ وزيراعظم ملڪ کان ٻاهر آهن، جڏهن وزيراعظم واپس ايندا ته نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو۔ ممڪن آهي ته فائل ورڪ اڳ ۾ ئي مڪمل ٿي چڪو هجي۔
قانون واري وزير وڌيڪ چيو ته وزارت دفاع کي وزيراعظم هائوس سان ڪوآرڊينيشن کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻو آهي۔

