ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نيپا چورنگي جي ويجهو پيش آيل المناڪ حادثي جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي آهي، جنهن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته 3 ورهين جو ننڍڙو ابراهيم پنهنجي والد وٽ وڃڻ لاءِ ڊپارٽمينٽل اسٽور مان ٻاهر نڪري رهيو هو ته اوچتو کليل مين هول ۾ ڪري پيو.
تفصيل موجب، حادثو آچر جي رات پيش آيو، جڏهن اسٽور سان لاڳاپيل پارڪنگ ايريا ۾ موجود کليل گٽر تي ڪا به حفاظتي نشاني يا رڪاوٽ نه هئي. ننڍڙي ابراهيم جي ماءُ جي دل ڏاريندڙ چيخن تي ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو ۽ مدد لاءِ سڏ ڪيو ويو، پر ٻار کي بچائي نه سگهيو ويو.
علائقي واسين ۽ گهر ڀاتين پنهنجي مدد پاڻ تحت مشينري گهرائي سڄي رات ڳولا جاري رکي، پر ڪاميابي نه ملي. آخرڪار، حادثي کان 14 ڪلاڪن کانپوءِ، سومر جي ڏينهن ابراهيم جي لاش واقعي واري هنڌ کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلوميٽر پري نالي مان ملي.

