ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناسا جي جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ هڪ شاندار فلڪي منظر جو مشاهدہ ڪيو آهي، جتي ٻه بوني ڪهڪشائون ڪششِ ثقل جي اثر هيٺ هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي رقص ڪري رهيون آهن.
اهي ڪهڪشائون، NGC 4490 ۽ NGC 4485، زمين کان لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ 40 لک نوري سال جي فاصلي تي ڪان ويناٽيسي (The Hunting Dogs) نالي جھرمٽ ۾ موجود آهن.
ماهرن موجب، هي نظام ملڪي وي (Milky Way) جي ويجهي ٽڪرائيندڙ ڊوارف-ڊوارف سسٽم آهي، جتي پهريون ڀيرو سڌي نموني سان گيس جو پل ۽ ستارن جون الڳ الڳ آباديون ڏٺيون ويون آهن.
NGC 4490 ۽ NGC 4485 گڏجي ’آرپ 269‘ نالي نظام ٺاهين ٿيون، جيڪو ايٽلس آف پيڪيولر گيلڪسيز ۾ شامل آهي. انهن جي ويجهڙائي ۽ جيمز ويب ٽيلي اسڪوپ جي غيرمعمولي صلاحيتن سبب، ماهرن کي اهي مناظر بلڪل ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو آهي، جيڪي اربين سال اڳ عام ڪهڪشائن جي ٽڪرائن دوران پيش ايندا هئا.
هي دريافت نه صرف فلڪيات جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، پر اها سائنسدانن کي ڪهڪشائن جي ارتقا ۽ ڪششِ ثقل جي اثرن بابت نون راز کولڻ ۾ مدد ڪندي.

