اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس جي صدارت هيٺ ٿيل جوڊيشل ڪميشن اجلاس جي اندروني تفصيل سامهون اچي وئي آهي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ جسٽس محسن اختر ڪَياني کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي راءِ پيش ڪئي وئي، جيڪا رد ٿي وئي. صرف جسٽس منيب اختر هن راءِ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته ڪنهن ٻئي ميمبر ان سان اتفاق نه ڪيو.
واضح رهي ته اجلاس ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ جسٽس محمد ڪامران ملا خيل کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي متفقه سفارش ڪئي وئي. ان سان گڏ، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي سپريم ڪورٽ جو مستقل جج مقرر ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي، جيڪي اڳ ۾ ئي ايڪٽنگ جج طور ڪم ڪري رهيا هئا.
اجلاس جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس محمد ڪامران ملا خيل پنهنجي لاڳاپيل هاءِ ڪورٽس ۾ قائم مقام چيف جسٽس طور ذميواريون نڀائي رهيا هئا.
ان کان علاوه، جوڊيشل ڪميشن رولز ٺاهڻ لاءِ پنج رڪني ڪميٽي جوڙي، جنهن ۾ جسٽس عامر فاروق، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، سينيٽر فاروق نائيڪ، علي ظفر ۽ احسن ڀون شامل آهن.

