ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيپا چوڪ تي کليل گٽر ۾ ٻار جي ڪرڻ ۽ فوت ٿيڻ واري هنياءُ ڏاريندڙ واقعي تي سنڌ حڪومت ٽن ڏينهن کانپوءِ آخر عوامي دٻاءُ تي ايڪشن ۾ اچي وئي آهي. ابتدائي رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪيو آهي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ واقعي سببن ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ هڪ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي، جيڪا تفصيلي رپورٽ تيار ڪري وزيراعليٰ کي پيش ڪندي.
اجلاس ۾ ميئر ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي، ڊي سي ايسٽ، واٽر ڪارپوريشن جا عملدار، ڪي ايم سي جا نمائندا، ٽائون انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر شريڪ ٿيندا.
سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جي ڪوتابي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ جاچ کان پوءِ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

