واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ٽرمپ انتظاميه 19 ملڪن جي شهري مهاجرن جي اميگريشن درخواستن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. امريڪي ميڊيا موجب، اها پابندي انهن ملڪن جي شهري تي لاڳو ٿئي ٿي جن تي اڳ ۾ ئي يو ايس سٽيزن شپ اينڊ اميگريشن سروسز کان اسٽيٽس حاصل ڪرڻ تي روڪ لڳائي وئي هئي.
انٽرنيشنل رپورٽن مطابق، جن ملڪن جون درخواستون روڪيون ويون آهن انهن ۾ افغانستان، صوماليه، ايران، ليبيا، ميانمار، سوڊان، ترڪمانستان، يمن ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. انهن ملڪن جي شهري جي سڀني ڪيسن جي حتمي منظوري يا رد ڪرڻ جا فيصلا عارضي طور روڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته هي قدم گذريل هفتي واشنگٽن ڊي سي ۾ هڪ افغان شهري طرفان نيشنل گارڊز تي فائرنگ واري واقعي کان پوءِ کنيو ويو. ان واقعي کان پوءِ صدر ٽرمپ سخت ترين اميگريشن قدمن جو اعلان ڪيو هو. اختيارين جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي ادارا خاص طور تي افغانستان سان تعلق رکندڙ مهاجرن جي اسڪريننگ ۽ آن لائين سرگرمين جي نگراني وڌيڪ سخت ڪري رهيا آهن.

