اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت سنگجاني جلسي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن عمر ايوب ۽ زرتاج گل کي اشتھاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت طرفان ٻنهي جوابدارن جي جائيدادن جي ضبطگي جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو.
دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي دوران فيصلو ٻڌايو. ان سان گڏ، زين قريشي، علي بخاري، شير افضل مروت ۽ شعيب شاهين جي حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون منظور ڪيون ويون.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ٿانو سنگجاني ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي.

