لاهور(ويب ڊيسڪ) پنشن جي ملڻ جي شڪايت تي فوري ڪارروائي ڪندي محتسب پنجاب هڪ اهم فيصلو ڪيو، جنهن تحت بهاولنگر جي هڪ شهري جي غير شادي شده ڌيءَ کي هڪ ڪروڙ 15 لک 65 هزار رپيا فيملي پنشن طور جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
شڪايت ڪندڙ شهري موجب، هي معاملو ڊگهي عرصي کان التوا ۾ هو، پر شڪايت داخل ٿيڻ بعد فوري طور تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ مسئلو حل ٿي ويو.
محتسب پنجاب کاتي کان پينشن ملڻ ۾ دير جا سبب طلب ڪيا ۽ وضاحت ڪئي ته قانون مطابق غير شادي شده ڌيءَ مڪمل طور تي فيملي پنشن جي حقدار آهي. کاتي کي واضح هدايت ڏني وئي ته مقرر قانون موجب ادائيگي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن شهري پنهنجي قانوني حق کان محروم نه رهي.
شهري فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن محتسب پنجاب جو فورم نه هجي ها ته شايد کيس هي حق ڪڏهن نه ملي پوي ها. ٻئي طرف، محتسب پنجاب چيو آهي ته شهري مسئلن جي حل لاءِ هي فورم مڪمل طور تي پرعزم آهي ۽ مستقبل ۾ به عوام کي فوري انصاف فراهم ڪيو ويندو.

