ميانمار(ويب ڊيسڪ) ميانمار ۾ آن لائين فراڊ سينٽرز خلاف وڏي پيماني تي ڪريڪ ڊائون دوران مقامي فوج سوين غيرملڪي شهرين کي آزاد ڪرايو، جن ۾ 38 پاڪستاني به شامل آهن.
اختيارين موجب اهي ماڻهو مختلف آن لائين فراڊ نيٽ ورڪن ۾ زبردستي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيا ويا هئا. ٿائي آرمي سرحد پار ڪري 38 پاڪستاني شهرين کي ريسڪيو ڪيو ۽ انهن کي بينڪاڪ اميگريشن سينٽر منتقل ڪيو، جتان کين مرحليوار پاڪستان ڊي پورٽ ڪيو ويندو.
ٿائي حڪومت ٻڌايو ته ميانمار ۾ وڌيڪ 60 پاڪستاني هڪ شيلٽر هائوس ۾ موجود آهن، جيڪي فراڊ سينٽرز مان ڀڄي اتي پهتا هئا. ٿائي اختيارين پاڪستاني حڪومت کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته واپس ايندڙ ماڻهن کان تفصيلي جاچ ڪئي وڃي ۽ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ايجنٽن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ان سان گڏ، انهن جي نالن کي پنج سال لاءِ ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي آهي.
وفاقي جاچ اداري (ايف آئي اي) موجب ٿائيلينڊ، ميانمار ۽ ڪمبوڊيا آن لائين فراڊ جا وڏا مرڪز بڻجي چڪا آهن، جتي گروهه جعلي نوڪريون ۽ ورڪ ويزا ڏيکاري نوجوانن کي پرڏيهي ملڪ وٺي وڃن ٿا ۽ پوءِ کين قيد ڪري غيرقانوني ڪم ڪرائين ٿا. ايف آئي اي عوام کي خبردار ڪيو آهي ته اهڙن جعلي اشتهارن ۽ جعلي ويزائن جي جال ۾ نه ڦاسن.

