اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڪرغزستان جو صدر صادر زپاروف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو، جتي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. مهمان کي روايتي طور تي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي.
ڪرغز صدر هي دورو وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. دوري دوران سندس ملاقاتون صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان شيڊول آهن، جڏهن ته ڪرغز وفد جي پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتن جو امڪان آهي.
دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيح ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا.

