ڪراچي(رپورٽر) گلشن اقبال ۾ نيپا فلائي اوور جي ويجهو گٽر ۾ ڪري فوت ٿيندڙ ٻار جي واقعي بابت جاچ مڪمل ٿي وئي آهي. ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) طرفان تيار ڪيل جاچ رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هي حادثو بي آر ٽي ريڊ لائين جي تعميري ڪم سبب پيش آيو.
رپورٽ موجب، ميئر ڪراچي جي حڪم تي ميونسپل سروسز ٻار جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران گلشن ٽائون جي لنڪ نالي مان ٻار جو لاش مليو. جاچ مان ثابت ٿيو ته بي آر ٽي جي کوٽائي سبب نالن جو نيڪالي نظام سخت متاثر ٿيو، جتي عارضي طور تي صرف ٻه فوٽ جا ڪور لڳايا ويا هئا.
جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ريڊ لائين منصوبي جي هڪ جاءِ تي گٽر کليل رهڻ سان سانحو پيش آيو، جڏهن ته اهڙي غير معياري ڍڪڻ ڪڏهن به ڪي ايم سي استعمال نه ڪيو هو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بي آر ٽي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ڪي ايم سي کي اطلاع نه ڏنو، کوٽائي بي آر ٽي ڪئي ۽ پوءِ صورتحال کي نظرانداز ڪيو. نجِي اسٽور جي انتظاميا ۽ بي آر ٽي جي لاپرواهي گڏجي حادثي جو سبب بڻيا.

