اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ جي درآمدات، ڪسٽمز ڊيوٽي ۽ واپاري شعبي ۾ سڌارن بابت قائم ڪيل ذيلي ورڪنگ گروپ جي سفارشن تي جائزه اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ڪاروباري شخصيتن جي نمائندن تي ٻڌل ورڪنگ گروپ جي ميمبرن وزيراعظم کي ڪسٽمز ۽ ٽيڪس وصولي سان لاڳاپيل مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. وزيراعظم سفارشن جي آجيان ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته هو صنعتي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪاروباري ۽ سيڙپڪار طبقن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪن.
وزيراعظم چيو ته قومي ٽيرف پاليسي جو مقصد صنعتي پيداوار کي هاڪاري سهولت ڏيڻ آهي، جيئن برآمدات ۽ درآمدات کي مجموعي معاشي ترقي سان هم آهنگ بڻائي سگهجي.
اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ، موسمياتي تبديلي جي وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس احمد لغاري، اقتصادي معاملن احد خان چيمه، علي پرويز ملڪ، ناڻي واري مملڪتي اظهر بلال ڪيانِي، وزيراعظم جي خاص صلاحڪارن هارون اختر، چيئرمين ايس آءِ ايف سي، صنعت ۽ ڪاروبار جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم زور ڏنو ته صنعتي پيداوار ۽ واپار ۾ اضافي لاءِ شعبي وار مخصوص تجويزون ۽ مسئلن جي نشاندهي ضروري آهي. هن چيو ته برآمدات تي ٻڌل پائيدار معاشي ترقي سيڙپڪاري، پيداوار وڌائڻ، حڪومتي تحفظ ۽ انفرا اسٽرڪچر جي بهتري سان ئي ممڪن آهي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته ٻيا ملڪ سان ٻطرفي ۽ راھداري واپار ۾ بارڊر تي ڪسٽمز ڊيوٽي جي وصولي تي سخت نگراني ڪئي وڃي.

