اين ايف سي اجلاس ۾ ڇڪتاڻ: ايف بي آر ٽيڪس وصولين جو 5 سيڪڙو صوبن کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

HomeFeatured Newsاين ايف سي...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 11هين قومي مالياتي ڪميشن جي افتتاحي اجلاس ۾ مالياتي معاملن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ 11 هين قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جا وڏا وزير ناڻي واري وزير طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان جا ناڻي وارا وزير ۽ پرائيويٽ رڪن اجلاس ۾ موجود هئا.
اجلاس ۾ وفاقي ناڻي واري وزارت طرفان پنهنجي مالي صورتحال تي آگاهي ڏني وئي، جڏهن ته چئني صوبن پڻ پنهنجي مالي پوزيشن بابت بريفنگ ڏني.
ناڻي واري وزير اجلاس ۾ آيل وڏن وزيرن، صوبائي ناڻي وارن وزيرن، سيڪريٽريز ۽ ٻين ميمبرن جي شرڪت تي ٿورا مڃيا.
محمد اورنگزيب چيو ته اڄوڪو اجلاس آئيني ذميواري ۽ گڏيل سهڪار جو اهم موقعو آهي.
هن چيو ته فورم پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 160 تحت قائم ڪيو ويو هو، ان پس منظر ۾ اجلاس جي اهميت وڌيڪ وڌي وڃي ٿي.
سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جو پختو عزم هو ته 11هين اين ايف سي جو اجلاس بنا دير جلد سڏايو وڃي، وزيراعظم به ان معاملي ۾ خاص دلچسپي ورتي ۽ صوبن پڻ هن آئيني ذميواري کي وقت سر ادا ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.
ناڻي واري وزير چيو ته پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سبب اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو، اين ايف سي بابت خدشن جو حل مخلصاڻي ۽ شفاف ڳالهه ٻولهه آهي، اڄ اسان هتي کليل ذهن ۽ بنا ڪنهن تعصب جي موجود آهيون، اسان جي پهرين ترجيح هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ آهي، وفاقي حڪومت صوبن جي موقف ٻڌڻ لاءِ موجود آهي ۽ اميد آهي ته صوبائي نمائندا به گڏيل سهڪار ذريعي اڳتي وڌندا.
هن چيو ته صوبن طرفان نيشنل فِسڪل پيڪٽ تي صحيحون ڪرڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي، جيڪا قومي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جو ثبوت آهي، صوبن جو فائنانس سرپلس رکڻ ۽ آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ۾ سهڪار قابلِ تحسين آهي.
ناڻي واري وزير موجب، هلندڙ سال ملڪ کي ڀارت طرفان غيرمعمولي خطرن ۽ ٻوڏ جهڙن وڏن چئلينجز جو منهن ڏسڻو پيو، اهڙين حالتن ۾ وفاق متحد ٿي ڪم ڪيو، جيڪو جذبو 11هين اين ايف سي ايوارڊ جي عمل ۾ برقرار رکڻ گهرجي، ايندڙ هفتن ۽ مهينن ۾ بامقصد ۽ تعميري بحث جاري رهندو، اميد آهي ته سڀ ميمبر گڏيل ڳالهه ٻولهه لاءِ ڀرپور عزم سان اڳتي وڌندا ۽ گڏيل احترام ۽ سهڪار سان ڪم ڪندا، جيئن 11هين اين ايف سي ايوارڊ کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو وڃي.
اين ايف سي جو ايندڙ اجلاس 8 يا 15 جنوري تي ٿيندو
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ 6 کان 7 ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻي فاٽا بابت الڳ ورڪنگ گروپ پڻ ٺاهيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ايف سي جو ايندڙ اجلاس 8 يا 15 جنوري تي ٿيندو.
اجلاس کان پوءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته ورڪنگ گروپس مالي معاملن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندا.
رٿابندي واري وزارت جون تجويزون
هوڏانهن رٿابندي واري وزارت ٻن نون طريقن تحت وسيلن جي ورڇ بابت تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون آهن.
پهرين تجويز موجب، ورڇ جوڳي اوڳاڙين مان دهشتگردي خلاف جنگ، پاڻي جي تحفظ، سول آرمڊ فورسز ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي گرانٽس لاءِ اڍائي سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ 57.5 سيڪڙو حصو صوبن کي ۽ 42.5 سيڪڙو وفاق کي ملندو.
ٻي تجويز موجب، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جا خرچ ورڇ جوڳي اوڳاڙين مان پهريان ڪڍيا وڃن، جنهن سان 2030 تائين وفاق جي وسيلن ۾ 11 کان 12 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ صوبن جي وچ ۾ اين ايف سي ورهاست ۾ آبادي جي وزن کي گهٽائڻ ۽ ان جي مقابلي ۾ ريوينو جنريشن، زرخيز علائقن ۽ فاريست ڪور جهڙن عنصرن کي وڌائڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي.

 

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});