اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڪرغزستان اتفاق ڪيو آهي ته افغان حڪومت عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪري ۽ پاڪستان جي سڪيورٽي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ موثر قدم کڻي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي، معدنيات، تجارت، تعليم، قانون و انصاف، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ 15 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون ويون، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي واپار کي 2027–2028 تائين 200 ملين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف جي وفدي سطح تي ملاقات وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن ۾ ڊپٽي وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ ٻين اهم وفاقي وزيرن ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪرغزستان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ “ويزن سينٽرل ايشيا” پاليسي تحت وچ ايشيا سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
ٻنهي اڳواڻن تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپن، گڏيل قدرن ۽ علائقائي امن و خوشحالي جي گڏيل وژن کي اڳتي وڌائڻ تي زور ڏنو. ملاقات ۾ دو طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ CASA-1000 توانائي منصوبي تي بروقت عملدرآمد کي علائقائي توانائي تعاون جو اهم سنگ ميل قرار ڏنو ويو. ٻنهي ملڪن QTTA روڊ ڪوريڊور جي فعال ٿيڻ تي به اطمينان جو اظهار ڪيو، جيڪو علائقائي واپار ۾ اضافي لاءِ اهم قدم قرار ڏنو ويو.
ڳالهين دوران علائقائي ۽ عالمي حالتن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ٻنهي اڳواڻن زور ڏنو ته تڪرارن کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن مطابق پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي. ٻنهي ملڪن اتفاق ڪيو ته افغان طالبان حڪومت کي عالمي برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ گهرجن ۽ پاڪستان جي جائز سڪيورٽي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ دهشتگرد عنصرن خلاف قابلِ تصديق قدم کڻڻ لازمي آهن.
پاڪستان ۽ ڪرغزستان غزه ۾ امن ڪوششن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ۽ فلسطيني عوام جي حقِ خوداراديت ۽ 1967ع واري سرحدن تي ٻڌل آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ 15 ايم او يوز تي صحي جي تقريب پڻ ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪرغزستاني صدر صادر زاپاروف شرڪت ڪئي. وزيراعظم هائوس ۾ ڪرغزستاني صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ون آن ون ملاقات ۽ سرڪاري ظهراڻي کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس بريفنگ پڻ ڏني.

