اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) روس پاڪستان پوسٽ تي 5 ڪروڙ 50 لک رپين جي بقايائون نه ڏيڻ سبب خدمتون معطل ڪري ڇڏيون آهن. هي پابندي روسي پوسٽ طرفان پاڪستان پوسٽ کي واجب الادا رقم نه ملڻ تي لاڳو ڪئي وئي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان طرفان جمع ڪرايل لکت جواب موجب روسي پوسٽ اگست 2025 کان پاڪستان پوسٽ جي سروسز تي پابندي لڳائي آهي. وزير ٻڌايو ته پاڪستان پوسٽ 2021 کان روس کي واجب الادا رقم ادا نه ڪئي، جنهن سبب مجموعي بقايائون 5 ڪروڙ 50 لک رپين تائين پهچي ويون.
لکت جواب ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته 12 نومبر 2021 تائين پاڪستان پوسٽ تي مجموعي طور 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم واجب الادا هئي. بيان موجب فنانس ڊويزن طرفان فنڊز جاري ٿيڻ بعد روسي پوسٽ کي بقايائون ادا ڪيون وينديون.
وفاقي وزارت مواصلات جو چوڻ آهي ته ادائيگين ۾ دير سبب بين الاقوامي پوسٽل سهولتن تي اثر پيو آهي، ۽ ادائيگي مڪمل ٿيڻ بعد سروسز جي بحالي جي اميد آهي.

