پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ئي ڏينهن دوران 88 فوتگيون، گڏيل انگ 1483 ٿي ويو

HomeFeatured Newsپاڪستان ۾ ڪورونا...

اسلام آباد: (رپورٽر) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ رڪارڊ 88 فوتگيون ٿيون آهن ۽ فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ هڪ هزار 1483 تائين پهچي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 3 هزار 39 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ متاثرن جو گڏيل انگ 69 هزار 496 ٿي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 25 هزار 271 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 42 هزار 742 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. پنجاب ۾ ڪورونا جا 25 هزار 56، سنڌ 27 هزار 360، خيبرپختونخواهه 9 هزار 540 ۽ بلوچستان ۾ 4 هزار 193 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا جا 2 هزار 418 گلگت بلتستان 678 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 251 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.  رپورٽ موجب گذريل ٽن ڏينهن دوران پاڪستان ۾  ڪورونا وائرس جا اٺ هزار ڪيس رڪارڊ ٿي چڪا آهن ۽ 223 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي فوت ٿي ويلن جو انگ 475 تائين پهچي ويو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ 453، سنڌ 465، اسلام آباد  27، گلگت بلتستان 11، بلوچستان 46 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 6 ڄڻا ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي چڪا آهن. پاڪستان ۾ گڏيل طور تي پنج لک 47 هزار کان وڌيڪ ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.پاڪستان ۾ ڪورونا جو پهريون ڪيس 26 فيبروري تي رجسٽرڊ ٿيو ۽ هڪ هزار فوتگيون 21 مئي تائين ٿيون. صحت واري وزارت موجب موجب شروعات ۾ ڪيسن ۾ واڌ جي رفتار سست هئي پر هاڻ ان ۾ تيزي سان  واڌ ٿي رهي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيس هڪ لک تائين پهچڻ جو امڪان ۽ جون ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪيس سامهون اچي سگهن ٿا.وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون طفر مرزا ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته هر ملڪ هن وائرس کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن دوران پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي ۽ فوتگيون به وڌنديون.  هن خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۽ فوتگين ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.خاص معاون چيو ته اسپتالن ۾ وينٽي ليٽرز تي به مريضن جي انگ ۾  واڌ ٿيندي. ظفر مرزا چيو ته پاڪستان جي ڏوراهين علائقن ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌيڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 26 جي ويجهو ايس او پيز جاري ڪري چڪا آهن پر ميڙ وارين جڳهين تي ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. مسجدن، دڪانن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ماسڪ کي ضرور استعمال ڪريو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});