پيارو اسٽيشن (رپورٽ علي قريشي )سموري سنڌ جيان ڦلجي اسٽيشن به ثقافتي رنگن ۾ رنگجي وئي ، 7 ڊسمبر ايڪتا عيد ملھائڻ واري اعلان کي لبيڪ ڪندي ايوان صحافت پريس ڪلب ڦلجي اسٽيشن پاران ڪانفرنس ھال ۾ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، پروگرام ۾ شاعرن ، قلم ڌڻين، سياسي سماجي اڳواڻن سميت مختلف مڪتبي فڪر جي ماڻھن شرڪت ڪئي ،
قومي شاعرن پاران ڏور ۽ بيت چئي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي ، صوفي فنڪارن پنهنجي سريلي آواز ۾ قومي گيت ڳائي ويٺل ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو.
ان موقعي تي ڪيئٽن عمران علي آرائين، جاويد احمد پنهور، عبدالله خان شاھاڻي ،غلام حيدر پنهور، سڪندر علي پنهور، سجاد حسين پنهور، نيڪ محمد پنهور ، تنوير احمد ميمڻ، فراز سرور پنهور، شيرخان منگي، رائو انور علي آرائين ، ۽ ٻين چيو ته ايڪتا عيد سنڌي ميڊيا سان گڏ ڀرپور نموني ملهائي رهيا آھيون ھزارين سالن کان پراڻي ثقافت کي سنڌي ميڊيا اجاگر ڪري اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آھي ،
هن ثقافت سان هند ۽ سنڌ جا قديمي علائقا جڙيل آھن ، اڄ اسين سنڌي ميڊيا جي بدولت فخر سان گاٽ اوچو ڪري ثقافت جي ڏينهن عيد جو ڏيهاڙو ڪري ملهايون ٿا ، تقريب ۾ شاعرن، شاھد چانڊيو، هارون احسن ابڙو ، محمد نواز چانڊيو ، وفا ياسين آرائين ، هارلا ياسين، محمد يعقوب پنھور، حاڪم علي بٺڙ ۽ ٻين قومي شاعري پيش ڪري ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي ، ٻئي پاسي فنڪارن سڪندر ملاح ، عابد پنهور ۽ ٻين قومي گيت ڳائي آيل ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو ،

