ڊاڪٽرن ۽ نرسز تي تشدد ۽ زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي، سخت ڪارروائي ڪبي: ناصر شاهه

Homeاهم خبرڊاڪٽرن ۽ نرسز...

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، بلديات، هائوسنگ ٽائون پلاننگ، مذهبي معاملا،  جهنگلات و جهنگلي جيوت کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه سول اسپتال جي واقعي تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جا ڊاڪٽر، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسز پنهنجون جانيون خطري  ۾ وجهي ٻين جون جانيون بچائي رهيا آهن ۽ هي ڳالهه ناقابل برداشت آهي ته انهن سان بدتعميزي ۽ تشدد ڪيو وڃي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪڏهن ڪنهن حوالي سان ڪا شڪايت هئي ته انتظاميه سان ان بابت ڳالهايو وڃي ها. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته زبردستي حملو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ وزير اعليٰ سنڌ اعليٰ سطحي انڪوائري جا حڪم پڻ ڏنا آهن. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته وزيراعليٰ سنڌ چيو آهي ته پهريان جناح اسپتال ۾ ڊاهه ڊوهه ۽ پوءِ سول اسپتال ۾ هنگامو ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر ۽ نرسز پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن حڪومت انهن سان گڏ آهي. وزير اعليٰ سنڌ انهن واقعن تي سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي. ان کان اڳ اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته کنڊ انڪوائري ڪميشن بڻائڻ ۽ ان جي تحقيقات ڪرائڻ هڪ سٺي ڳالهه آهي ۽ اسان ان کي پسنديدگي جي نظر سان ڏسون ٿا، پر رپورٽ ۾ چيو ويو ته کنڊ جي اگهن وڌڻ جو سبب هي آهي ته ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني وئي ۽ اجازت وزيراعظم بطور انچارج وزير ڪامرس جي ڏني پر ان ۾ تنازع جو سبب هي آهي ته ان ۾ بلاجواز وزير اعليٰ سنڌ کي ملوث ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ان جو ان معاملي سان ڪو به تعلق ناهي ۽ اصل معاملي تي ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي ۽ اصل ذميوارن جي طرف کان توجهه هٽائڻ جي ڪو شش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته حقيقت اها آهي ته ڪورونا وائرس هنن کي بچايو آهي نه ته معيشت جي حالت هنن جي حڪومت ۾ ڏاڍي خراب ٿي چڪي آهي. هن چيو ته شهزاد اڪبر ڏاڍا بيان ڏئي رهيو آهي بهتر هي آهي ته هو پنهنجي  غريبان ۾ ڏسي  ۽ رپورٽ جي روشني ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي سلسلي ۾ عالمي معيار موجب قدم کڻي پر اسان تي تنقيد براءِ تنقيد ڪئي وئي ۽ انهن قدمن کي پوري ملڪ ناقذ نه ڪيو ويو ان ڪري هي وائرس پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت جي غير سنجيده رويي جي ڪري ڦهليو. هن چيو ته 26 فيبروري تي پهريون ڪيس آيو ۽ وفاقي حڪومت 13 مارچ تي ميٽنگ گهرائي ان سان هنن جي غير سنجيده رويي جو پتو پوي ٿو ته هو عوام جي جان و مال بچائڻ ۾ ڪيتري حد تائين دلچسپي رکن ٿا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته توهان ته ان وائرس سان گڏ ڊگهو عرصو گذارڻو پوندو ۽ سمورا ادا ۽ ڪاروباري مرڪز ايس او پيز تحت ئي کوليا ويندا.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});