لاهور(ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان درياءِ چناب ۾ اوچتو پاڻي جو ريلو ڇڏڻ سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، جنهن کي ماهرن آبي جارحيت قرار ڏنو آهي. رپورٽن موجب درياءِ چناب ۾ وهڪرو 58 هزار 300 ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي، جيڪو هيٺين علائقن ۽ خاص طور تي ڪڻڪ جي فصل لاءِ شديد خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو. الزام هنيو پيو وڃي ته ڀارت مبينا طور ڊيم خالي ڪري پاڻي ڇڏيو ته جيئن پاڪستان ۾ فصلن کي نقصان پهچائي سگهجي، ۽ هاڻي جڏهن ڀارت ڊيم ٻيهر ڀريندو ته درياءِ چناب ۾ وهڪرو ٻڙي تائين به اچي سگهي ٿو، جيڪو زرعي نظام لاءِ انتهائي نقصانڪار هوندو.
ان کان اڳ واپڊا جي ترجمان صبح 6 وڳي تائين دريائن ۽ پڻي ذخيرن جي صورتحال بابت انگ اکر جاري ڪيا. ترجمان موجب تربيلا وٽ سنڌو درياءِ ۾ پاڻي جي آمد 20 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ خارج 28 هزار ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته منگلا وٽ درياءِ جهلم ۾ آمد 3 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ خارج 35 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. چشمہ بيراج ۾ پاڻي جي آمد 32 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ خارج 35 هزار ڪيوسڪ آهي. هيڊ مراله وٽ درياءِ چناب ۾ آمد 63 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ خارج 56 هزار 900 ڪيوسڪ آهي. نوشهره وٽ درياءِ ڪابل ۾ آمد ۽ خارج 7 هزار 400 ڪيوسڪ آهي.
ترجمان ٻڌايو ته تربيلا ريزروائر ۾ پاڻي جي سطح 1490.27 فٽ ۽ ذخيرو 26.68 لک ايڪڙ فٽ آهي، جڏهن ته منگلا ريزروائر ۾ پاڻي جي سطح 1212.10 فوٽ ۽ ذخيرو 50.51 لک ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو. چشمہ ريزروائر ۾ پاڻي جي سطح 646.60 فٽ ۽ ذخيرو 1.97 لک ايڪڙ فٽ آهي. تربيلا، منگلا ۽ چشمہ ريزروائرز ۾ گڏيل طور 79.16 لک ايڪڙ فٽ قابل استعمال پاڻي موجود آهي. ترجمان موجب سڀني دريائن ۾ وهڪرو 24 ڪلاڪن جي اوسط جي بنياد تي ماپيو ويو آهي.

