اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا جي جمهوريه جو صدر پرابووو سوبينتو ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پاڪستان پهچي ويو، جتي کين 21 توپن جي سلامي ۽ ريڊ ڪارپٽ استقبال پيش ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نور خان ايئربيس تي خاص مهمان جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو.
هي دورو ان لحاظ کان خاص اهميت رکي ٿو جو هن سال پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي سفارتي لاڳاپن کي 75 سال مڪمل ٿي رهيا آهن، ۽ اهو صدر پرابووو سوبينتو جو اسلام آباد جو پهريون سرڪاري دورو آهي.
پرڏيهي کاتي موجب، صدر پرابووو پنهنجي ٻن ڏينهن جي قيام دوران وزيراعظم سان وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته هو صدر آصف علي زرداري، ۽ چيـف آف آرمي اسٽاف و چيـف آف ڊيـفنس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان پڻ ملاقاتون ڪندو.
دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، صحت، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي، تعليم ۽ ثقافت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ بابت جامع مشاورت ڪئي ويندي. گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي سطح تي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿينديون.
امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته صدر پرابووو جي دوري دوران پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ مختلف مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به ٿي سگهن ٿا.

