ڪراچي(ويب ڊيسڪ) يوٽيوب اسٽار سعد الرحمان، جنهن کي ڊڪي ڀائي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پاران نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي جي آفيسرن خلاف ڪيل ڇرڪائيندڙ انڪشافن سوشل ميڊيا تي زبردست بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي. شوبز شخصيتن کان وٺي مداحن تائين، هر طرف سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
ڊڪي ڀائيءَ جي هڪ ڪلاڪ ڊگهي وڊيو جا الزام
ڊڪي ڀائي آچر ڏينهن پنهنجي يوٽيوب چينل تي هڪ ڪلاڪ تي مشتمل وڊيو جاري ڪئي، جنهن ۾ هن اين سي سي آئي جي حراست دوران مبينا جسماني ۽ زباني تشدد جا سنگين الزام هنيا.
هن دعويٰ ڪئي ته جاچ آفيسر شعيب رياض سندس موبائل ۽ بائنانس اڪائونٽ پنهنجي قبضي ۾ وٺي، سڀ ٽريڊز نقصان ۾ بند ڪيون ۽ 3 لک 26 هزار ڊالر (تقريباً 9 ڪروڙ رپيا) پنهنجي ذاتي والٽ ۾ منتقل ڪيا.
ڊڪي ڀائي موجب جڏهن هن پڇيو ته پئسا سرڪاري اڪائونٽ ۾ ڇو نٿا وڃن، ته جواب مليو: مسئلو حل ڪرڻو آهي يا نه؟.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن معاملو ليڪ ٿيو ته آفيسرن ڊپ سبب عدالت ۾ ان رقم کي ريڪوري ظاهر ڪيو، پر اصل نيت پئسا هڙپ ڪرڻ جي هئي.
گرفتاري، الزامن ۽ حراست دوران مبينا بدسلوڪي
ياد رهي ته سعد الرحمان کي آگسٽ ۾ لاهور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو، الزام هئو ته هو پنهنجي پليٽفارم ذريعي آن لائن جوا ۽ بيٽنگ ايپس کي هٿي ڏئي رهيو هو.
لاهور هاءِ ڪورٽ 25 نومبر تي ضمانت ته ڏني، پر هو سرڪاري حراست مان آزاد نه ٿي سگهيو.
ڊڪي ڀائي وڊيو ۾ دعويٰ ڪئي ته اين سي سي آئي لاهور جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سرفراز چوڌري کيس حراست دوران گاريون ڏنيون، ٿپڙ هنيا ۽ الزام هنيو ته هو نوجوانن جا ذهن خراب ڪري رهيو آهي.
معاملو سيٽ ڪرڻ لاءِ مبينا رشوت جا مطالبا
ڊڪي ڀائي چيو ته ڪجهه اهلڪارن کيس 7 کان 8 ڪروڙ رپيا ڏئي معاملو سيٽ ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا هو نٿو ڏئي سگهي.
عروب کي ايف آءِ آر ۾ شامل نه ڪرڻ لاءِ هن مبينا طور 60 لک رپيا ادا ڪيا.
هن ٻڌايو ته پهرين ڏينهن هو پاڻ کي تمام بي وس محسوس ڪري رهيو هو ۽ مڪمل تعاون باوجود کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
شوبز ۽ سوشل ميڊيا شخصيتن جا ردعمل
شفاعت علي
ڪاميڊين شفاعت علي چيو ته اسان جو معاشرو سرفراز چوڌري جهڙن ڪردارن سان ڀريو پيو آهي. اميد آهي ته ڊڪي ڀائي کي انصاف ملندو ۽ اهڙي مورل پوليسنگ جو خاتمو ٿيندو.
مشي خان
Such shocking details by Saad ur Rehman Aka Ducky Bhai . Such corrupt officials like Sarfaraz Chaudhry should be dealt with severity. #duckybhai pic.twitter.com/hnDfrUdx6L
— Mishi khan (@mishilicious) December 8, 2025
اداکاره مشي خان سخت ردعمل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هڪ مشهور يوٽيوبَر سان اهو سڀ ٿي سگهي ٿو ته عام ماڻهو سان ڇا ٿيندو. هن شفاف جاچ ۽ ذميوارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
ثاقب اظهر
آءِ ٽي ايڪسپرٽ ثاقب اظهر چيو ته ڊڪي ڀائي جي وڊيو ڏسي دل ڏڪي ويو. جيڪڏهن هڪ مشهور شخص سان اهو ٿي سگهي ٿو ته عام ماڻهو جي حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
حرا ماني
اداڪاره حرا ماني ڊڪي ڀائي کي حوصلو ڏيندي چيو: انشاالله سڀ بهتر ٿيندو، تون مضبوط آهيو. جنهن سان سندس گهرواري بيٺي هجي، ان کي ڪو هارائي نٿو سگهي.”
حشام الاهي ظهير
ديني اسڪالر حشام الاهي ظهير چيو ته ڊڪي ڀائي سان ٿيل مبينا ظلم جي ڪهاڻي ٻڌي دل ڏڪجي وئي. هن چيو ته اهڙن آفيسرن کي نشانِ عبرت بڻائڻ حڪومت لاءِ چيلينج آهي.
شام ادريس
يوٽيوبَر شام ادريس چيو ته اختلافن باوجود هو سمجهي ٿو ته ڪنهن سان به اهڙو سلوڪ نه ٿيڻ گهرجي. هن ڊڪي ڀائي ۽ سندس خاندان لاءِ نيڪ تمنائون پيش ڪيون.
رجب بٽ
ڊڪي ڀائيءَ جي اڳوڻي دوست رجب بٽ چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي. سوين انفلوئنسرز اهڙيون ايپس پروموٽ ڪيون، پر نشانو صرف ڪجهه ماڻهن کي بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته اصل وڏيون مڇليون اڃا به آزاد آهن.

