اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل تقريب دوران پاڪستان ۽ انڊونيشيا مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ ست معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نون مرحلن ۾ داخل ٿي ويا. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ انڊونيشيا جي صدر پرا بووو سوبانتو موجود هئا، جن بعد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته انڊونيشيا جي صدر کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا، ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي اڄ واري ملاقات انتهائي مثبت ۽ تعميري رهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جا لاڳاپا هر آزمائش ۾ پورا لٿا آهن ۽ صدر سوبانتو جو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندي تي وٺي ويندو. وزيراعظم ٻڌايو ته ملاقات دوران باهيمي واپار ۾ توازن، ميڊيڪل ۽ هيلٿ شعبي ۾ تعاون، ووڪيشنل ٽريننگ ۽ پاڪستاني ڊاڪٽرن ۽ ماهرن کي انڊونيشيا موڪلڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي 75 سالن جي آهي ۽ 1965ع جي جنگ ۾ انڊونيشيا پاڪستان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو. غزه جي صورتحال بابت ڳالهائيندي وزيراعظم اسرائيلي جنگ بندي جي ڀڃڪڙين کي قابلِ مذمت قرار ڏنو.
انڊونيشيا جي صدر پرا بووو سوبانتو شاندار ميزباني تي پاڪستاني قيادت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته جي ايف 17 ٿنڊر جي سلامي سندس لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون لاءِ مفاهمتي يادداشتن جو ڏي وٺ خوش آئنده قدم آهي. صدر سوبانتو چيو ته هو پاڪستان سان تعليم، صحت، زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائيندا، جڏهن ته غزه جي معاملي تي ٻنهي ملڪن جو موقف هڪجهڙو آهي.
وزيراعظم هائوس پهچڻ تي صدر سوبانتو کي پاڪ فوج جي چاق وچوبند دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جڏهن ته معزز مهمان يادگاري وڻ پڻ لڳايو. انڊونيشيا جي صدر جو هي پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي، جنهن دوران هو صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو۔

