سکر (بيورو رپورٽ) شڪارپور ۾ پوليس وڏي آپريشن دوران سخت مقابلي کان پوءِ 8 ڏوهارين کي ماري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. مقابلي دوران عورت ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ظهور احمد سومرو سميت ٻه اهلڪار به زخمي ٿيا.
پوليس موجب مارجي ويل ڏوهارين مان چار جي سڃاڻپ امداد شيخ، شدن شيخ، شهزور شيخ ۽ برڪت شيخ طور ٿي آهي، جڏهن ته باقي ڏوهارين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. مارجي ويلن لا اش واقعي واري هنڌ تي موجود آهن ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن به جاري آهي۔
زخمي ڊي ايس پي پارس بکراڻي کي سکر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سهڪار سان ايئر ايمبولنس ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي، جتي انهن جو علاج ضياءُالدين اسپتال ۾ ڪيو ويندو.
سکر ڊسٽرڪٽ چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه چيو ته شڪارپور پوليس جي بهادري تي فخر آهي، جنهن سنڌ پوليس جو سر فخر سان مٿي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پارس بکراڻي سنڌ جي بهادر ڌيءَ آهي ۽ انهن جي همت کي سلام پيش ڪجي ٿو۔

