لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ سينيئر صحافين سان ملاقات دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ نون صوبن جي قيام بابت اتفاقِ راءِ موجود آهي، تنهن ڪري 20 نوان صوبا ٺاهڻ جي بحث کان اڳ انهن علائقن ۾ صوبا ٺاهيا وڃن جتي اڳ ئي اتفاق موجود آهي۔
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته جڏهن نون صوبن بابت اتفاق ٿيو هو، تڏهن پيپلزپارٽي وٽ اڪثريت به نه هئي، تنهن هوندي به اتفاق راءِ پيدا ٿيو، تنهن ڪري هاڻي به جن علائقن بابت سياسي هم آهنگي موجود آهي، اتي اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي۔
هن چيو ته جيڪڏهن انهن جي تجويزن تي عمل ٿيڻ گهرجي ته پوءِ ان ۾ دير نه ڪئي وڃي، ڇو ته جيڪي ڪم ٿيڻا هئا، اهي اڳتي وڌي رهيا آهن۔
هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جي خاصيت رهي آهي ته اها جمهوريت به هلايو ۽ ضرورت پوڻ تي گورنر راج به لاڳو ڪيو۔

