اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي وچ ۾ 257 ملين ڊالر جا ترقياتي معاهدا طئي ٿي ويا آهن ۽ انهن تي صحيح پڻ ٿي چڪي آهي۔
معاهدن تي سيڪريٽري اقتصادي معاملن جي محمد حُمير ڪريم ۽ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فِين صحيحون ڪيون، جڏهن ته پنجاب حڪومت پاران اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽرين صحيحون ڪيون۔
اقتصادي معاملن جي وزارت جي ترجمان موجب پنجاب ۾ تعليم ۽ صحت جي بهتري لاءِ ٻه اهم پروگرام شروع ڪيا ويندا۔ اي ڊي بي پنجاب لاءِ 107 ملين ڊالر جو ايس ٽي اي ايم ايجوڪيشن پروگرام منظور ڪيو آهي۔
ترجمان موجب جديد ايس ٽي اي ايم ليبز ۽ استادن جي تربيت ذريعي سيڪنڊري تعليم ۾ اهم تبديليون اينديون۔ جڏهن ته پنجاب نرسنگ ۽ هيلٿ ورڪس فورس ريفارم پروگرام لاءِ 150 ملين ڊالر جي مدد فراهم ڪئي ويندي، ۽ لاهور، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ نرسنگ جا ٽئي سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪيا ويندا۔
اقتصادي معاملن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اي ڊي بي جي اها مدد پائيدار سماجي ترقي لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندي۔
اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر موجب ٻئي پروگرام نتيجن تي ٻڌل آهن ۽ نظامي سڌارن جو حصو آهن۔

