سڊني (مونيٽرنگ ڊيسڪ) سٽريليا جي مشهور ساحل بونڊي بيچ تي حنوڪا جي مذهبي تقريب دوران ٿيل حملو هڪ بهادر مسلمان شهري پنهنجي جان جو خطرو کڻي ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هن کي هيرو طور ساراهيو پيو وڃي.
عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب تقريب دوران ٻه هٿياربندن سمنڊ ڪناري تي پهتا ۽ مٿي واري هنڌ تي بيهي ڇتي فائرنگ ڪئي. ڇنڇر جي موڪل واري ڏينهن ۽ يهودي تهوار سبب ساحل تي ماڻهن جو وڏو ميڙ موجود هو، جنهن ڪري فائرنگ شروع ٿيندي ئي شديد افراتفري مچي وئي ۽ ماڻهو جان بچائڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳا.
ان ئي هنگامي صورتحال ۾ 43 ورهين جي مسلمان شهري احمد ال احمد هڪ گاڏي جي پويان لڪي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ پوءِ بهادري جو مظاهرو ڪندي حملي آور تي چنبڻي ويو ۽ کيس زمين تي ڪيرائي قابو ڪري ورتو، جنهن سبب وڏو جاني نقصان نه ٿيو.
ميڊيا رپورٽن موجب احمد ال احمد سمنڊ ڪناري ڦرھيون وڪڻڻ جو ڪم ڪندو آهي ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي. واقعي واري ڏينهن به هو پنهنجي روزاني ڪم تي موجود هو.
حملي آور کي پڪڙڻ دوران احمد ال احمد کي ٻه گوليون لڳيون، جن مان ٻئي سندس ٻانهن ۾ لڳيون. کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن موجب سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.
احمد ال احمد جي هن بهادري کي نه صرف آسٽريليا پر سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، ۽ کيس هڪ سچو هيرو قرار ڏنو پيو وڃي.

