پاڪستاني شوبز انڊسٽري ۾ نئون تڪرار وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي، جتي اداڪار ياسر نواز پنهنجي گهرواري ندا ياسر جي حمايت ۾ بيان ڏئي نئين بحث کي جنم ڏنو آهي.
ندا ياسر تازو فوڊ ڊيلوري رائيڊرز بابت هڪ بيان سبب تنقيد جي زد ۾ آئي هئي، جنهن کي عوام نامناسب قرار ڏنو. سخت ردعمل کان پوءِ ندا معذرت به ڪري ڇڏي، پر اداڪاره فضا علي انهن شخصيتن مان هئي جن هن بيان سان کليل اختلاف ڪيو.
فضا علي جو موقف هو ته فوڊ رائيڊرز محنتي ماڻهو آهن، ۽ جيڪڏهن کين ٿوري ٽپ ملي وڃي ته ڪنهن جو نقصان نٿو ٿئي. تنهن ڪري انهن تي “پيسا هڙپ ڪرڻ” جا الزام لڳائڻ مناسب نه هو.
فضا جي تنقيد کان پوءِ ياسر نواز ميدان ۾ لهي آيا ۽ چيو ته فضا بنا سبب ندا کي نشانو بڻائي رهي آهي.
هاڻي فضا علي هڪ ڀيرو ٻيهر جواب ڏنو آهي ۽ چئي رهي آهي:
حقيقي مرد ڪڏهن به ڪنهن عورت تي حملو نٿو ڪري. عورتن جي ڳالهين جي وچ ۾ جيڪو اچي، سو مرد ناهي.
https://www.instagram.com/reel/DSVN36pjYkH/?utm_source=ig_web_copy_link
فضا جو چوڻ آهي ته هي اختلاف ٻن عورتن جي وچ ۾ هو، ۽ ڪنهن مرد جو ان بحث ۾ ٽپ ڏيڻ مناسب نه هو. هن وڌيڪ چيو ته هوءَ فارغ نه آهي، پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏئي ٿي ۽ حقيقي سماجي مسئلن تي ڳالهائيندي آهي.
سوشل ميڊيا تي هن معاملي تي سخت بحث جاري آهي. ڪجهه ماڻهو فضا علي جي حمايت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه ياسر نواز کي پنهنجي زال جو ساٿ ڏيڻ تي ساراهه پيا ڏين.گهڻن جو خيال آهي ته هاڻي هي تڪرار ختم ٿيڻ گهرجي.

