ڀارتي ميوزڪ انڊسٽري جو مشهور نالو ڪمار سانو هڪ ڀيرو ٻيهر سرخين ۾ اچي ويو آهي، پر هن ڀيري سبب ڪا نئين دُھن نه، پر هڪ سنگين قانوني تڪرار آهي. گلوڪار پنهنجي اڳوڻي گهرواري ريتا ڀٽاچاريه خلاف هتڪِ عزت جو مقدمو ڪيس ڪري ڇڏيو آهي، جنهن شوبز حلقن ۾ وڏي بحث کي جنم ڏنو آهي.
الزامات ۽ ڪيس جو پس منظر
ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق ڪمار سانو ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ريتا ڀٽاچاريه مختلف انٽرويوز ۾ ڪوڙا، توهين وارا ۽ نقصان ڏيندڙ الزام لڳايا، جن سان نه رڳو سندن شهرت متاثر ٿي، پر 2001ع ۾ ٿيل طلاق جي معاهدي جي به خلاف ورزي ٿي.
ذهني ۽ مالي نقصان جو دعويٰ
درخواست ۾ گلوڪار ٻڌايو ته انهن الزامن سبب کيس:
- ذهني اذيت
- سماجي بدنامي
- ۽ مالي نقصان
جهڙا مسئلا برداشت ڪرڻا پيا.
انهيءَ بنياد تي ڪمار سانو عدالت کان 30 لک رپيا هرجاڻو، تڪراري انٽرويوز کي فوراً هٽائڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن بيانن کان روڪڻ جو حڪم ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.
ريتا جا الزام- جنهن تڪرار کي ڀڙڪايو
ريتا ڀٽاچاريه سيپٽمبر 2025 ۾ وائرل ٿيل انٽرويوز ۾ ڪمار سانو تي:
- حمل دوران بدسلوڪي
- طبي سهولتن کان محروم رکڻ
- بي وفائي
- ۽ خانداني ذميوارين ۾ غفلت
جهڙا سنگين الزام هنيا هئا، جن کي گلوڪار مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.
طلاق جو معاهدو ۽ قانوني موقف
ڪمار سانو جو چوڻ آهي ته 2001ع ۾ باندره فيملي ڪورٽ ذريعي ٻنهي جي گڏيل رضامندي سان طلاق ٿي هئي، ۽ ان کان پوءِ اهڙا الزام معاهدي جي خلاف ورزي ۾ شمار ٿين ٿا.
هن ڪيس جي ٻڌڻي 17 ڊسمبر تي متوقع آهي.
ڪمار سانو جي شاديون ۽ خاندان
- پهرين شادي: 1986ع ۾ ريتا ڀٽاچاريه سان، جن مان پٽ جان ڪمار سانو آهي.
- ٻي شادي: 2001ع ۾ سالوني ڀٽاچاريه سان، جن مان ٻه ڌيئرون آهن.

